اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ وفد پارليامينٽ هائوس پهچڻ شروع ٿي ويا. ترڪيءَ ج?? پريهي وزير ميولوت چاوش اولو اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ پ??رليامينٽ هائوس پهتو ته پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي ترڪ هم منصب جي آجيان ۽ ترڪ هم منصب کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ مبارڪباد وارن جملن جي ڏي وٺ ٿي، مهمانن جي استقبال لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي معزز پ??ڏيهي وزيرن جي آجيان ڪري رهيو آهي. مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير وڏي انگ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس ۾ شرڪت جي لاءِ پ??ڪستان اچي چڪا آهن. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جو 48 هون اج??اس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. وزيراعظم عمران خان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اج??اس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندو.