اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي وقتي صدر ??مال شاهه ڪاڪڙ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب جمال شاهه ڪاڪڙ وزيراعظم کي وزارت ??ظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ملڪ کي واپس ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن وزيراعظم جي گذريل سالن ۾ نظرانداز ڪيل علائقن خاص طور تي بلوچستان جي ترقي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني ??ڻا??ڻ جي هدايت کي خوش آئنده قرار ڏنو. وزيراعظم چ??و ته بلوچستان ۾ ترقي جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چ??و ته اسان جي حڪومت بلوچستان جي باصلاحيت افرادي قوت کي ترقي جي هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي يقيني ??ڻا??يندي.