اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ باهه لڳڻ سبب ڪڻ?? جي تيار فصل جي تباهي کان متاثر ??بادگارن ج?? مالي ام??اد جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنجاب حڪومت کي حڪم ڏنو ته جن آبادگارن ج?? فصل سڙي وئي آهي، انهن کي فوري امدادي چيڪ ڏنا وڃن، وزيراعظم 90 هزار ڪلوگرام ڪڻڪ سڙي راک ٿي?? تي آبادگارن ج?? فوري مالي مدد جو حڪم ڏنو. هن هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ آهي، مشڪل وقت ۾ آبادگارن ج?? ڀرپور مدد ڪئي وڃي. واضح رهي ته بيلا پل باجوان، بجوت سيڪٽر ۾ 23 اپريل 2022ع تي ڪڻ?? جي تيار فصل کي باهه لڳي وئي هئي، باهه سان 77 ايڪڙ زمين متاثر ٿي هئي، 76 ايڪڙ ۾ ڪڻ?? جي فصل لاٻاري جي لاءِ تيار حالت ۾ هئي، سرڪاري رپورٽ موجب 15 آبادگارن ج?? تيار ڪڻڪ سڙي وئي هئي، جاچ ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪٽائي مشين ۾ فني خرابي سبب باهه لڳي، مشين ج?? ويجهو ئي ذخيرو ڪيل 80 ليٽر ڊيزل کي باهه پڪڙڻ سان حادثي جو دائرو پکڙجي ويو هو، فاصلو وڌيڪ هجڻ جي ڪري فائربرگيڊ کي پهچڻ ۾ وقت لڳو. فائربرگيڊ 32 ڪلوميٽر جو فاصلو 25 منٽن ۾ طئي ڪيو. فائربرگيد جي ڪوششن سان باهه کي 135 ايڪڙ ۾ پکڙجڻ کان روڪيو ويو.