هلال احمد / صنم جوڻيجو
اسلام آباد – 04 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) ڀارت 1947ع ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضو قائم ڪر?? ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائي رکيو آهي ۽ هو گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جي ??ودمختياري جو جائز حق ڏيڻ کان پاسو ڪر?? رهيو آهي، ڪشميرين جي ??زادي جي مطالبي کي دٻائڻ جي لاءِ انهن کي سدائين ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو، 75 سال جو عرصو گذري وڃڻ کانپوءِ به ڀارت جي پوري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون مسلسل پائماليون جاري آهن. والاريل ڪشمير زمين جو واحد خطو آهي جتي رڳو ڪجهه هزار مربع ميل علائقي ۾ 8 لک کان وڌيڪ ڀارتي قابض فوجي مقرر آهن. ڀارت ڪشمير سرزمين تي جبري ۽ ناجائز فوجي قبضي کي جاري رکڻ جي لاءِ پنهنجي ??مورن وسيلن ۽ حربن کي استعمال ڪر?? رهيو آهي. 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏيندڙ ڀارتي آئين جي ??رٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي ??اتمي کانپوءِ ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جي ??بادي جي ??ناسب کي تيزي سان تبديل ڪر?? رهيو آهي. ان مقصد جي لاءِ والاريل علائقي ۾ ڀارتي قانون به لاڳو ڪيو ويو آهي. ڀارت خطي ۾ بالادست قوت بڻجڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، ڪشميري عوام ۽ پاڪستان ڪڏهن به ڀارتي بالادستي قبول نه ڪئي آهي. پاڪستان ڪشميرين جي ??دائين سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت ڪئي آهي. ٻئي طرف والاريل ڪشمير جي ڀارت نواز سياستدانن جو به اهو ئي چوڻ آهي ته ڀارتي حڪومت جو آرٽيڪل 370 کي هڪطرفي طور ختم ڪرڻ جو قدم غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي جنهن سان ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض قوت بڻجي ويو آهي. سياسي مبصرن موجب والاريل ڪشمير جي نام نهاد قانونساز اسيمبلي جي چونڊن کان اڳ اسيمبلي تڪن جي نئين حد بندي ڪئي وئي آهي، انهن سمورن قدمن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جي مسلم سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ ۽ آبادي ۾ مسلمانن جو تناسب گهٽ ڪرڻ آهي ته جيئن مستقبل ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتيا جنتا پارٽي جي ??ڪومت قائم ڪئي وڃي. ڀارتي حڪمران پنهنجي ??ئين جي ??ق 370 جي موجودگي کي ماضي ۾ ڪشمير تي پنهنجي ناجائز ۽ غيرقانوني فوجي قبضي کي جواز طور سدائين پيش ڪيو ۽ ان جي ??اتمي کانپوءِ هاڻي ڀارت جو اهو جواز به ختم ٿي ويو آهي. ڀارتي آئين ۾ والاريل ڪشمير جي ??صوصي شهريت جي ??ق بابت شق 35 اي کي به ختم ڪيو ويو. رياست جي ??هريت بابت اهو معاملو تڪراري ڪشمير سان پراڻي تاريخ رکي ٿو، ان قانون جي ??وح سان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??دن کان ٻاهر ڪنهن به علائقي جو شهري ڄمون ۽ ڪشمير جو شهري نه ٿو بڻجي ????هي ۽ نه ئي زمين ۽ جائيداد جو مالڪ بڻجي ????هي ٿو. اهي قانون 1927ع کان ڪشمير ۾ لاڳو آهن.