لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ چيو آهي ته ڪشمير اسان جو آهي ۽ سڄو اسان جو آهي، ڪشمي?? جي مڪمل آزادي تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ جا 1095 ڏينهن ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد کان روڪي ناهن سگهيا، ڀارت کي آرٽيڪل 370 واپس لاڳو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڇو خاموش آهن. حسن مرتضيٰ مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمي?? جي مير صادق کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن جو ??وڻ هو ته پر??يه?? وزير بلاول ڀٽو والاريل ڪشمير جو ??يس هر جڳهه تي وڙهي رهيو آهي.