ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي تعليم ۽ ثقافت واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو آهي ??ه نريندر مودي هاڻي ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم فوري طور تي بند ڪري، ڀارت جو نام نهاد سيڪيولر رياست جو ماسڪ لهي چڪو آهي ۽ مودي جي شڪل ۾ ان جي اصل انتهاپسند شڪل ظاهر ٿي چڪي آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪري. تعليم واري زير سيد سردار علي شاهه ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري ڪ??ل پن??نج?? بيان ۾ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪشمير تاريخي طور تي انڊس سولائيزيشن جو حصو آهي ۽ جواهر لعل نهرو پاڻ پن??نج?? ڌيءَ اندر گاڌي کي خط ۾ لکيو هو ته انڊيا پاڻ انڊس مان نڪتو آهي، جيئن ته اڄ جو پاڪستان آهي ??ه انهي ??ساب سان ڪشمير تاريخي طور تي پاڪستان جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نريندر مودي جي شڪل ۾ ڀارتي حڪومت جو اصل انتهاپسند مڪروهه چهرو ظاهر ٿي ويو آهي ??نهن مسلسل ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي ??نهن کي اسان رد ڪريون ٿا، عالمي دبيا چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته ڪشمير ه?? تڪراري علائقو آهي ??نهن تي گذريل 73 سالن کان ڀارت شرمناڪ انسانيت ڪش ظلم ڪري رهيو آهي. سردار علي شاهه چيو ته دنيا جي ڪ??هن به ڪنڊ ۾ ڪو به ظلم ٿئي اهو ظلم پوري انسانيت جي خلاف آهي ڀلي اهو ڪش۾ير ۾ ڀارت پاران ظلم هجي يا فلسطينين تي اسرائيل جي وحشياڻي انسانيت سوز ظلم هجي، اسان سڀ مظلوم قومن سان گڏ بيٺل آهيون. سردار شاهه چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪا جنگ ناهي چاهي پر سدائين اسان تي جنگ مڙهي وئي آهي ۽ اها به ڀارت پاران ڪيل سرحدي قانونن جي خلاف ورزين جي ڪري اسان جا فوجي جوان شهيد ٿي ويا آهن، اڄ به اسان جا معصوم ڪشميري ٻار ڀارتي ڪ??سٽر بمن جو نشانو بڻجي رهيا آهن جن کي ڪ??هن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.