اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد ع??ي گي??ان?? جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد ع??ي گي??ان?? جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آز??دي جي اهڃاڻ سيد ع??ي گي??ان?? جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ??شميرين جو سيد ع??ي گي??ان?? جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد ع??ي گي??ان?? جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آز??دي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد ع??ي گي??ان?? هڪ شخص نه پر تحريڪ ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد ع??ي گي??ان?? شهيد جو مڙهه کسڻ ??ان ڪشميرين کان آز??دي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد ع??ي گي??ان?? کي سلام پيش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد ع??ي گي??ان?? سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گهرڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.