اسلام آباد -06 سيپٽمبر (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) چيو آهي، ته ٻوڏ م??اثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين ۽ امدادي سامان تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ ايف بي آر جي ترجمان ٻڌايو ته ايف بي آر کي ٻوڏ م??اثرن جي امداد لاءِ عام واهپي وارين شين تي ٽيڪس ڇوٽ بابت ڪيترائي سوال ملي رهيا آهن. ترجمان وضاحت ڪئي ته ٻوڏ م??اثرن ل??ءِ مقامي ۽ امپورٽ ٿيل شين ۽ خوراڪ تي سيلز ٽيڪس جي مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ان ل??ءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي تصديق ضروري آهي. ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي، ته سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ 30 آگ??ٽ 2022ع کان وٺي 90 ڏينهن جي مدي لاءِ آهي.