اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته جرمني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. ??اڻ?? واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفرڊ گراناز ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جرمن سفير کي پاڪستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏن?? ۽ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ??اڻ?? واري وزير پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪار?? ۽ ??عيشت جي شعبن ۾ تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ??اڻ?? واري وزير ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن جي باري ۾ به آگ??هه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ جرمني جي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ??اڻ?? واري وزير جرمني جي سفير کي پاڪستان ۾ چوماسي جي تازين برساتن ۽ شديد ترين ٻوڏ سبب جان?? ۽ ??الي نقصان جي باري ۾ پڻ آگ??هه ڪيو. جرمن سفير ??اڻ?? واري وزير جو ٿورو مڃيو. هن پاڪستان سان مختلف شعبن خاص طور تي اقتصاد?? ۽ ??اپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جرمني جي سفير تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جان?? ۽ ??الي نقصان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته جرمني امدادي ڪاررواين ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون فراهم ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڌرين مختلف شعبن ۾ لاڳاپن ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.