صحبت پ??ر ?? 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقي صحبتپور ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽينٽ اسڪول ۾ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ٻڌايو ته هن علائقي ۾ ماڊل اسڪول جو قيام ٻن مهينن ۾ عمل ۾ آندو ويندو. وزيراعظم ٻارن کي چ??و ته هو ٻن مهينن کانپوءِ اختر مينگل ۽ وڏي وزير عبدالقدوس ??زنجو سان گڏ نئين اسڪول ۾ ايندو ۽ ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻارن سان خصوصي شفقت ۽ والهاڻي محبت جو اظه??ر پڻ ڪيو. وزيراعظم ريليف ڪئمپ ۾ سهولتن جو پڻ جائزو ورتو. وزيراعظم ان موقعي تي ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن جا مسئلا پڻ معلوم ڪيا. ان موقعي تي وزيراعظم کي بلوچستان جي چ??ف سيڪريٽري ??حبت پور ۾ فلڊ ريليف آپريشن جي حوالي سان آگاهه ڪيو.