شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ماحول??ات?? تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??شڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، زمين کي ماحول??ات?? تبديلين جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي، عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ايم جي آئي موسم??ات?? تبديلي جي روڪٿام لاءِ صحيح رخ ۾ هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ??ن قدم جي وسيع مقصدن جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ زمين کي موسم??ات?? تبديلي جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گهربل هر قدم ۾ ويجهي تعاون جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته ان ??هم سربراهه اجلاس جي انعقاد جي لاءِ محمد بن سلمان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃون ٿا، اسان مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) شر??ع ڪرڻ تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ??ي ان ??هم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪو وچ اوڀر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ماحول??ات?? نظام جي بحالي جو قدم آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي تحت فطرت تي ٻڌل حل اسان ??ي ملڪ جي موسم??ات?? تبديلين جي منفي اثرن کان ??چاءُ جي ايجنڊا جو بنياد آهي، اهڙي طرح فطرت تي ٻڌل قدم جهڙوڪ وڻڪاري، ملڪن کي مواققت جي صلاحيت جي تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪين ٿا ۽ قومي ۽ علائقائي سطح تي موسم??ات?? تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ ۽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿا، اهو اسان ??ي ايجنڊا جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي ماحول??ات?? تبديلين جي اثرن جي ڪري تيز رفتار ماحول??ات?? عدم توازن درپيش آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي شديد برساتن، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، گرمي جي شدت، ٻيلن ۾ لڳندڙ مسلسل باهه، گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ٻوڏ ۽ اهڙي قسم جي ڪيترين ئي موسم??ات?? تباهي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم شهباز شر??ف چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي ۽ عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان قدم کي ميمبر ملڪن ۽ انهن جي آبادي کي زندگي بدلائيندڙ ڪاميابي ۾ ه?? ڊگهو سفر طئي ڪندو. وزيراعظم چيو ته گرين پاڪستان پروگرام 2016ع ۾ شر??ع ڪيو ويو جيڪو وڻڪاري جو اسان ??و قومي پروگرام آهي جيڪو 2023ع تائين 3 ارب 30 ڪروڙ وڻ لڳائڻ ۽ 2030ع تائين ٽيڻ تي اضافي جي هدف سان گڏ جاري آهي، ان ??ان مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هتي پاڪستان ??ي پروٽيڪٽيڊ ايرياز انيشي ايٽو جو پڻ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسان ??ي خطرن ۾ ورتل نباتات ۽ حيوانيات جي تحفظ لاءِ 36 لک هيڪٽر محفوظ علائقن ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي گرين انيشي ايٽو کي هلائڻ جي لاءِ سعودي عرب کي ساراهي ٿو، پاڪستان ??ڳ ۾ ئي ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ماهرن جي فراهمي جي ذريعي تعاون کي وسعت ڏئي چڪو آهي، اها رڳو شر??عات آهي، پاڪستان ??يم جي آئي جي سمورن ميمبر ملڪن کي خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي، مين گرووز، محفوظ علائقن جي انتظام، ڪاربن اسٽاڪ جي تشخيص ۽ ٻيلن جي نگراني جي نظام جي قيام بابت تجربن ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي گهري راضپي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته زمين عمل جي لاءِ پڪاري رهي آهي پر ائين لڳي ٿو ته اسان مشڪل طريقي سان ??کڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، ايم جي آئي طرز جو قدم صحيح رخ طرف هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ??ن قدم جي وسيع تر مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ رڳو ان قدم جي حد تائين نه پر موسم??ات?? تبديلي جي اثرن کان ??مين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر قدم تي ويجهي تعاون سان ڪم جو منتظر آهي.