اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 25 کان 26 نومبر 2022ع تائين ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪ??دو. و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ صدر اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندا. ڪالهه خميس ڏينهن و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندا. و??ير??عظم ترڪيه ??ي ڪاروباري برادري جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جو صدر به و??ير??عظم جي استنبول ۾ قيام دوران ساڻس ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا ويجها ڀائراڻا لاڳاپا ثقافت ۽ تاريخ جي هڪجهڙائپ ۾ ڳنڍيل آهن ۽ غيرمعمولي هم آهنگي ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم (Milgem) منصوبو پاڪستان ترڪي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي ح??ثيت رکي ٿو. پاڪ بحريه لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ٻيو جهاز پي اين ايس بدر جو سنگ بنياد مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ منعقد ڪيو ويو هو. و??ير??عظم ان کان اڳ مئي، جون 2022ع ۾ ترڪيه جو دورو ڪ??و هو.