اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان نامزد چيف آ?? آرمي اسٽاف جنرل سي?? عاصم منير وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آرمي چيف جي عهدي تي مقرري تي جنرل سي?? عاصم منير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جنرل عاصم منير سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي پيشيواراڻي لياقت، ساک ۽ حب الوطني فخر جوڳي آهي. هن نامزد آرمي چيف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ??لل?? تعاليٰ توهان کي انهن ذميوارين ۾ رهنمائي ۽ مدد فرمائي. جنرل سي?? عاصم منير وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.