اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ??تحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪيٽس فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ??تحادي حڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو ج?? ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ??ڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ٻ??هر??ين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي رخ گامزن ٿيڻ کي خوش آ??ند?? قرار ڏنو.