اسلام آباد – 29 – نو??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير کي ٽيليفون ڪئ?? ۽ آرمي چيف جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب آڙ??ي چيف سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بهادر پاڪ فوج جي سپهه سالار جو عهدو سنڀالڻ وڏو اعزاز آهي، پاڪ فوج کي توهان جهڙو پي??يواراڻي قابليت رکندڙ سربراهه ملڻ الله تعاليٰ جو خاص فضل آهي. وزيراعظم چيو ته پورو يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ فوج جي پي??يواراڻ?? صلاحيتن ۽ ملڪ جي دفاع جي قوت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي سميت سيڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ الله تعاليٰ توهان جي مدد ۽ رهنمائي فرمائي. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تحفظ جي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون توهان کي ميسر هوندو. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.