اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز ??شرف سان پارليامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عم??ن جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عم??ن جو پارلياماني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عم??ن ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عم??ن جي عوام ۽ حڪومت کي سار??هي??. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عم??ن جي شرڪت کي سار??هي??. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عم??ن سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عم??ن جي ڪردار کي به سار??هي??. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي سار??هي??دي چيو ته عم??ن پاڪستان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پارلياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين اي ناز بلوچ به موجود هئي.