اسلام آباد- 15 جون (اي پي پي) اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ سان ڪمانڊنگ جنرل ليفٽيننٽ جنرل پيٽرڪ ڊي فرينڪ جي اڳواڻيءَ ۾ يونائيٽيڊ اسٽيٽس آرمي سينٽرل جي وفد ملاقات ڪئي. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين پاڪستان کي درپيش خطرن، ڊزاسٽر مئنجمينٽ، آئوٽ لُڪ ??ـ اين ڊي ايم اي جي ڍانچي، بين الاقوامي امداد ۾ ان جي ڪردار جو جائزو پيش ڪيو. ان موقعي تي عربي سمنڊ مان اُٿندڙ سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي جاري صورتحال ۽ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ طوفان جي پوندڙ اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ تيارين تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته موسمياتي لحاظ کا?? لچڪ ۽ موافقت جي روشنيءَ ۾ پاڪستان جي حمايت ۽ ان جي ڪوششن ??ي تسليم ڪرڻ جي ضرورت آهي، خاص طور تي جڏهن ان پاڻ آفت جو مقابلو ڪندي آزمائش جي وقت ۾ ترڪيه ۽ شام جي مدد ڪئي. جنرل فرينڪ پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن کانپوءِ ٿيل نقصانن جو انتظام ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ هڪٻئي جي تجربن مان مشغ??لي?? ۽ تعاون جي مستقبل جي امڪانن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اميد ظاهر ڪئي ته آگسٽ ۾ ٿيندڙ ٻه طرفي مشقن گيمبٽ ايڪسرسائزز سان ڊزاسٽرمئنجمينٽ جي شعبي ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل تعاون کي هٿي ملندي. ٻنهي ڌُرين گڏيل ماح??لي??تي تحفظ جي معياري پروٽوڪول جي عالمگير اطلاق ۽ هنگامي حالتن ۽ بحران دوران ترقي يافته ملڪن جي تخفيف جي سانچن جي ڪامياب انتظام کي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.