اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي جنهن ۾ تڪرارن جي حل جو طريقيڪار به شامل ??هي. هيگ ۾ قائم عالمي ثالثي عدالت پاران پاڪ ڀارت پاڻي تڪرارن جي ٻڌڻي جي اهليت جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان حڪومت عالمي ثالثي عدالت جي فيصلي کان آگاهه آهي، ج??هن ۾ ان جي اهليت ۽ ڪشن گنگا ۽ راتلي هائيڊرو اليڪٽرڪ پرجيڪٽس بابت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرارن تي اڳتي وڌڻ جو طريقيڪار، سنڌ طاس معاهدي جي تشريح ۽ لاڳو ڪرڻ جا وسيع تر سوال شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته عدالت اهليت کي برقرار رکيو آهي ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته هاڻي اها تڪرار جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ پاڻي جي ورڇ جو بنيادي معاهدو ??هي. پاڪستان تڪرارن جي حل جي طريقيڪار سميت ان معاهدي تي عملدرآمد جي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم ??هي. اسان اميد ڪريون ٿا ته ??ارت به نيڪ نيتي سان ان معاهدي تي عملدرآمد ڪندو.