اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته نگران وزيراعظم جي نالي جو فيصلو اڄ ڇنڇر تائين ٿي ويندو. وزيراعظم جي ??يٽ رپورٽرز سان الوداعي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته هو اتحادي پارٽين جي ??ربراهن سان به ملاقات ڪندو ته جيئن ان معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي ??نهن کانپوءِ هو ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان پڻ ملاقات ڪندو. هن وضاحت ڪئي ته ڪنهن هڪ نالي تي اتفاق پيدا نه ٿيڻ جي ??ورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو جيڪا ٽن ڏينهن جي ??ندر معاملي کي اڪلائيندي. پارلياماني ڪميٽي جي ??طح تي اتفاق نه ٿيڻ جي ??ورت ۾ معاملو اليڪشن ڪميشن وٽ هليو ويندو جنهن کي ٻن ڏينهن ۾ حتمي فيصلو ڪرڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران کيس ۽ مخالف ڌر اڳوڻ کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جو نالو فائنل ڪرڻ جي لاءِ لک??ل خط بابت سوال جي ??واب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آئين ۾ طريقيڪار بلڪل ??اضح آهي. هن چيو ته بطور وزيراعظم حڪومت جي ??ور جا 16 مهينا منهنجي 38 سالا سياسي ڪيريئر جو سڀ کان مشڪل ??قت هو جڏهن ته سمورن حصيدارن جي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حڪومت مختلف محاذن تي نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون. هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومتي مشينري 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو ۽ صوبن ۽ لاڳاپيل ادارن پاران ورهايل امداد کانسواءِ وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 100 ارب رپيا ورهايا هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو هڪ تمام وڏو چئلينج هو جنهن تي پوري ٽيم جي ڪوششن سان ضابطو آندو ويو نه ته ملڪ انتشار جو شڪار ٿي سگهيو پئي. سفارتي محاذ تي پنهنجي ??ڪومت جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته هن دوست ملڪن سان لاڳاپن کي بهتر ڪيو آهي جيڪي گذريل حڪومت دوران بي بنياد الزامن جي ڪري ڇڪتاڻ وارا ٿي چڪا هئا. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت دوران مهانگائي 12.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته ميان محمد نواز شريف جي ??ڪومت جي ??ور ۾ رڳو 3.5 سيڪڙو هئي. هن چيو ته پيداوار ۾ گهٽتائي جي ڪري حڪومت کي ڪڻڪ جي ??رآمد تي 2 ارب ڊالر خرچ ڪرڻا پيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف سائفر بابت خبر جو نالو وٺڻ کانسواءِ چيو ته ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو ان سڀ ڪجهه بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته حڪومت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ??ڪل ۾ هڪ طريقيڪار جوڙيو آهي جيڪو ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي جو ويزن آهي.