اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود استقامت سان ترقي جو سفر جاري رکيو. اهڙو اظهار هن هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريسورس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چي?? ته اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ ڊجيٽ??ائ??زيشن جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽ??ائ??ز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چي?? ته اسان ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي طرف ??ڃي رهيا آهيون، ڊي آر ايم ٽرانسميٽر لڳائڻ سان ريڊيو پاڪستان جي نشريات سڄي ملڪ سميت پاڙيسري ملڪن تائين دستياب هوندي. مرتضيٰ سولنگي چي?? ته ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي سبب ريڊيو پاڪستان جي آپريشنل لاڳت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿيندي، ان ٽيڪنالاجي مان هڪ ٽرانسميٽر ڪيترن ئي پروگرامن جي رسد ڪندو، جڏهن ته ان سان بجلي جي استعمال ۾ پڻ بچت ٿيندي، هن چي?? ته بهترين معيار جي آڊيو سگنلز کانسواءِ ڊي آر ايم ٽرانسميٽر ايمرجنسي وارننگ سسٽم سان به ليس آهن جيڪي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي الرٽ به جاري ڪري سگهندا، اهڙي طرح ڊاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي آفت سٽيل ع??ائ??ن ۾ امدادي ڪاررواين کي ڪاميابي سان انجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چي?? ته پاڪستان ۾ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي لڳائڻ ۾ تعاون تي ڊي آر آيم ڪنسوريشم خاص ڪري چيئرپرسن رڪزيندر اوبرريجا جو ٿورو مڃيندي چي?? ته ڊي آر ايم ڪنسوريشم جي مسلسل تعاون ۽ ريڊيو پاڪستان جي انتظاميه ۽ انجينئرز جي گڏيل ڪوششن مان اميد آهي ته ويجهي مستقبل ۾ ڊجيٽل رول آٽ مڪمن ٿيندو. هن چي?? ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊيو پاڪستان جا 76 سالن جو شاندار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿيندو. نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي آر ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي کي ان جي پختي جذبي، محنت ۽ لگن تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چي?? ته انهن جي محنت، لگن عيوض هڪ خواب حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.