ڪوئيٽا – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??هي ته بلوچستان جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ صوبي جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ??گر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير سان گڏ ڪوئيٽا جو دورو ڪيو ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ بلوچستان جو ??گر??ن وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي پڻ موجود هو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان، لاء انفورسمنٽ آپريشن، اسمگلنگ ۽ منشيات جي خلاف بلوچستان ۾ آپريشنز، سي پيڪ ۽ نان سي پيڪ يا پرائيويٽ منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ غيرملڪين جي سيڪيورٽي، غيرقانوني غيرملڪين جي انهن جي پنهنجي وطن واپسي، فارن ڪرنسي کي ??اق??عده بڻائڻ جي حوالي سان قدمن ۽ بلوچستان ۾ ايس آئي ايف سي جي قدمن تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي ??گر??ن وزيراعظم بلوچستان حڪومت پاران اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. اجلاس دوران ??گر??ن وزيراعظم زور ڏنو ته صوبي جي امن ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي لازمي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف ان ڳالهه تي روشني وڌي ته فوج قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ٻين سرڪاري ادارن سان گڏجي غيرقانوني سرگرمين جي خلاف ڪاررواين جي لاء?? پوري طاقت سان مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن وسيلن جي ڦرلٽ ۽ انهن سرگرمين جي ڪري ملڪ کي ٿيندڙ معاشي نقصانن کي روڪي سگهجي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ??ه وفاق جي سطح تي ايس آئي ايف سي تحت کنيل قدمن جو هر صوبي جي ماڻهن تي اثر ٿيڻ گهرجي، بلوچستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ کا??ين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ ترقي سان علائقي جي ماڻهن جي لاءِ معاشي سرگرمين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ??ه انساني وسيلن جي ترقي کانسواءِ زراعت ۽ آءِ ٽي ۾ سيڙپڪاري تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي. ??گر??ن وزيراعظم چيو ??ه انهن قدمن مان ڀرپور انداز ۾ فائدو کڻڻ جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت آهي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ??ه رياستي ادارا بشمول سرڪاري ادارا ۽ عوام صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ متحد آهن. ان کان اڳ ??گر??ن وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو ڪوئيٽا پهچڻ تي بلوچستان جي ??گر??ن وڏي وزير ۽ بلوچستان ڪور ڪمانڊر استقبال ڪيو.