اسل??م آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيل جي ??حشياڻي حملي ۾ معصوم شهرين جو قتلام غيرانساني ۽ ناقابل دفاع آهي، اهو عالمي قانون ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن جي ??اءِ جوابده ٿيڻ گهرجي ڇو ته هن غزه تي پنهنجي بمباري ۽ گهيراءُ جاري رکيو آهي، جنهن جي ??تيجي ۾ فوتگيون، تباهي ۽ لڏپلاڻ ٿي آهي. هن چيو ته اسرائيلي قبضي جي حامين کي پنهنجي ??اليسين تي نظرثا??ي ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي غزه جي ??اڻهن جي خلاف دهشتگردي جي ??هم هلائڻ ۾ اسرائيلي عملدارن کي ڇوٽ ڏي ٿي. نگران وزيراعظم غزه جي الاهلي الممدني اسپتال تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهري مارجي ??يا. هن چيو ته اسپتالن کي نشانو بڻائڻ غيرانساني فعل آهي، عالمي انساني قانون اسپتالن ۽ طبي عملي کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته اسان ان بنا فرق جي ??تلام جي خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ??ه اها تشدد کي روڪڻ جي ??اءِ تيزي سان ڪم ڪري ۽ ذميوارن جو احتساب ڪري. هن چيو ته ڪجهه عرصو اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ ان تي زور ڏنو هو ته عالمي برادري اسرائيل کي چوي ته هو بيگناهه فلسطينين جو قتلام بند ڪري.