اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا سان واپار، سيڙپڪاري، اق??صادي، ثقافتي ۽ سياحتي لاڳاپا وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان انڊونيشيا سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻ?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اق??صادي تع??ون وڌائڻ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن جو اهم عنصر آهي، پاڪستان واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تع??ون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا جا واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور من ٽوگيو چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تع??ون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئو?? اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو، پاڪستاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪن??ڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.