اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته بنيادي صحت جي سهولتن تي هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو جي ان ??ائي?? پهچ يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت واري عالمي اداري جي پاڪستان ۾ نمائندي ڊاڪٽر پليٿا ماهي پالا سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صحت وارو نگ??ان وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجُود هئا. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ ٻين حصيدارن جا پاڪستان ??ي صحت واري شعبي ۾ سڌارن ۾ تعاون تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران ??ڄي پاڪستان ??ميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ بنيادي صحت مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم چيو ته صحت جي عالمي اداري جي عطيو ڪيل موبائيل صحت اسپتالن ۽ ايمبولينسز سان ??نيادي صحت جون سهولتون عام ماڻهو جي گهرن جي درن تائي?? پهچايون وينديون. ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تائين بنيادي صحت جون سهولتو?? پهچائڻ جي لاءِ موبائيل هيلٿ يونٽ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته بنيادي صحت جون سهولتون هر پاڪستاني جو حق آهي ۽ حڪومت عام ماڻهو تائين ان ??ي پهچ يقيني بڻائيندي. ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ 464 صحت جي بنيادي مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي ميگا پراجيڪٽ تي ڪم ايندڙ ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. نگ??ان وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته موبائيل هيلٿ يونٽ نه رڳو ماڻهن کي علاج جون بنيادي سهولتون فراهم ڪندو پر ڊيجيٽل نظام تحت اهو صحت جي يونٽ جي مرڪزي نظام سان ڳنڍيل هوندو ۽ مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ ريفر به ڪري سگهندا. بعد ۾ نگ??ان وزيراعظم صحت جي عالمي اداري ۽ قومي صحت واري وزارت جي وچ ۾ ليٽر آف انڊراسٽينڊنگ تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم صحت جي عالمي اداري پاران ??طيو ڪيل 5 ايمبولينسز، هڪ موبائيل ڪلينڪ ۽ 2 ويڪسينيشن وينز جو پڻ جائزو ورتو.