اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، وفاقي گادي واري شهر ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپ??ين?? اٿارٽي جي ز??ين?? تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ اسلام آباد جي انتظامي معاملن، امن امان جي صورتحال ۽ منشيات جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم ک?? اسلام آباد ۾ سرڪاري ملڪيتي ز??ين?? تي غيرقانوني قبضن، ڪيپيٽل ڊيولپ??ين?? اٿارٽي جي سرپرستي هيٺ ترقياتي منصوبن، اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري پوليس جي ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۾ گاڏين جي خريد ۽ وڪري جي لاءِ شهر جي مخلف حصن ۾ قائم شو رومز جي ڪري پارڪنگ ۽ ٽريفڪ جي لاءِ پيدا ڪيل مسئلن جو فوري خاتمو ڪيو وڃي. اسلام آباد ۾ گاڏين جي نمائش، نيلامي ۽ خريد ۽ وڪري جي لاءِ مناسب جڳهه تي هڪ ڪار سٽي جو جامع منصوبو ٺاهيو وڃي، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نظام جي لاءِ وڌيڪ 160 نيون بسون اچڻ واريون آهن جنهن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ موثر ٿي ويندو. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد سميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ گاڏين جي رجسٽريشن جي لاءِ مرڪزي ڊيجيٽل نظام جو قيام عمل ۾ آندو وڃي، پراڻي گاڏين جي عالمي سطح تي لاڳو ماحولياتي آلودگي جي معيار تي فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي، سڄي ملڪ ۾ ڊرائيونگ لائيسنس جاري ڪرڻ جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم کي مارگلا نيشنل پارڪ جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته مارگلا نيشنل پارڪ سميت ڪيپيٽل ڊيولپ??ين?? اٿارٽي جي ز??ين?? تي غيرقانوني قبضن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي آپريشن ڪيووڃي. اجلاس ۾ نگ??ان وزيراعظم ک?? اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ڏوهن جي انگ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي. نگ??ان وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد پوليس شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اسلام آباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيف سٽي جي ڪئميرائن ک?? استعمال ۾ آڻي اي چالان جي نظام کي مڪمل طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي. نگ??ان وزيراعظم پوليس عملدارن کي تعليمي ادارن ۽ انهن جي ڀرپاسي منشيات ۽ نشي آور شين جي وڪري ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ ۽ انهن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي. نگ??ان وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ک?? اسڪولن جي تحفظ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. نگ??ان وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن ک?? اسلام آباد ۾ ڊولفن فورس جي قيام جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ نگ??ان گهرو وزير سميت اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.