ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وفاق جي حيثيت سان پنهنجي ثقافتن، روايتن ۽ زبانن جي واڌويجهه سان سگهه حاصل ڪري ٿو، بل??چستان جو اصل سرمايو ان جا ماڻهو ۽ اتان جي تهذيب آهي، هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ بل??چستان روشن روايتن جو امين آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن جي هزارگي زبان جي افتتاحي پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هزارگي زبان ۾ پي ٽي وي نشريات شروع ڪرڻ تي دلي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هن خطي ۾ پشتو، بل??چي، هزارگي ۽ فارسي زبانُون موجود آهن. بل??چستان ۾ ڳا??ها??جندڙ هڪ ٻي زبان کي قومي سطح تي اجاگر ڪيو پيو وڃي. بل??چستان ۾ ميڊيا صنعت کي فروغ ڏيڻ اسان جي ترجيح آهي. هزاره برادري سان اسان جون محبتون پراڻيون آهن، بل??چستان ۽ ڪوئيٽا ۾ هزاره برادري جي هڪ سڃاڻپ آهي. هن چيو ته هزاره برادري ۾ هڪ وڏو انگ دهشتگردي جو شڪار ٿيندڙ شهيدن جو آهي، دهشتگردن بل??چستان جي هر طبقي کي نشانو بڻايو آهي، دهشتگردي جو مقابلو اسان سڀني کي گڏجي ڪرڻو آهي، بل??چستان جو اصل سرمايو هتان جا ماڻهو ۽ تهذيب آهي، بل??چستان ۾ رهندڙ سمورين برادرين کي هڪ جهڙا حق ميسر آهن. هن چيو ته پاڪستان ثقافتي سڃاڻپن جو گلدستو آهي جيڪو هڪ ٻئي کي مضبوطي سان پڪڙيل ۽ ڳنڍيل آهي. ٻين صوبن وانگر بل??چستان به نسلن ۽ قبيلن جو هڪ ڀرپور نمونو آهي، جتي انهن جي ثقافت ۽ قدر بل??چستان روايتن سان ڳنڍيل آهي. هن بل??چستان جي هزاره برادري کي ساراهيندي چيو ته ڪوئيٽا ۽ صوبي جي ترقي ۾ انهن جو ڪردار اهم آهي. هزاره برادري جي نمايان شخصيتن ۾ بل??چستان جو اڳوڻو گورنر جنرل (ر) محمد موسيٰ، سردار سادات ۽ برگيڊيئر خادم حسين شامل آهن جن پنهنجي ديانتداري سبب عزت حاصل ڪئي. هن دهشتگردي جي چئلينج جو مقابلو ڪرڻ تي هزاره برادري کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته دهشتگردي سان ملڪ جا سمورا طبقا متاثر ٿيا. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اتحاد سان قوم انهن عنصرن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي، جيڪي برادرين ۾ نفرت ۽ فرق پيدا ڪن ٿا. نگران وزيراعظم بل??چستان ۽ پاڪستان کي امن جو گهوارو ٺاهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته امن سان فنون لطيفه کي فروغ ملندو آهي. نگران وزيراعظم هزاره برادري کي انهن جي علائقائي زبان ۾ پي ٽي وي جي پروگرام جي شروعات تي مبارڪباد ڏيندي ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته باصلاحيت ڪميونٽي ان پليٽ فارم کي استعمال ڪري پنهنجي خوبصورت ثقافت کي اجاگر ڪندي. هن چيو ته پي ٽي وي هڪ تاريخي اثاثو آهي جنهن پنهنجي شاندار پروگرامن ذريعي قوم ۾ پذيرائي حاصل ڪئي. هن اداري جي ترقي لاءِ حڪومت پاران تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پي ٽي وي بولان جي نئين لوگو جو افتتاح پڻ ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي پڻ خطاب ڪيو. هزارگي جي شاعر قادر نيل هزارگي زبان جي پروگرام جي تاريخي شروعات تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وا??ي نگران وفاقي وزي?? مرتضيٰ سولنگي کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ان علائقائي پروگرام جي گلدستي ۾ هڪ خوبصورت اضافو ڪيو آهي. گلوڪاره زيبا نوري هزارگي لوڪ گيت ڳايو ۽ روايتي بل??چي لباس پهريل ٻارن هزارگي گانن جي ڌُنن تي رقص پيش ڪيو.