اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بر??ل رسم الخط ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن جي لاءِ خودمختياري، آزادي ۽ شموليت جي علامت آهي، بر??ل رسم الخط جي تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ برابر معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ اهم قدم آهي، عالمگير پهچ جي لاءِ متحد ٿيڻ ڪو اعزاز نه آهي پر اسان جي گڏيل عزم جو عڪاس آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بر??ل رسم الخط جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام ۾ چيو ته ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن جي علم تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بر??ل رسم الخط جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي، بر??ل لمس تي ٻڌل رسم الخط کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي، ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن جي پهچ وڌائڻ طرف پاڪستان جي ترقي پسند ڪوششن کي ساراهيان ٿو، لوئس بر??ل جي ايجاد، ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن جون زندگيون بدلايون. هن چيو ته پاڪستان بر??ل خواندگي ۽ پهچ وڌائڻ طرف ذڪر جوڳي عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، پاڪستان عالمي سطح تي مڃيل ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن جي لاءِ مراڪش معاهدي جي توثيق ڪئي آهي، مراڪش معاهدي سان ڏسڻ ک??ن محروم ماڻهن کي بر??ل رسم الخط، آڊيو ۽ وڏي پرنٽس ۾ لکين ڪتابن تائين پهچ ۾ مدد ملندي، تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ بر??ل رسم الخط کي شامل ڪرڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا ويا، پاڪستان جامع ماحول جي لاءِ جديد تربيتي پروگرام شروع ڪيا ??هن، بر??ل رسم الخط سان پاڪستان تعليم، ادب، تربيت ۽ بحالي جي موقعن تائين برابر پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ اسان معذور ماڻهن جي حقن جي فروغ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا، يقين آهي ته گڏجي اسان اهڙي دنيا ٺاهي سهگون ٿا جتي رڪاوٽون ختم ٿين، سڀني کي اڳتي وڌڻ جا م??قعا م??ن.