لاهور-08 فيبروري (اي پي پي)پنجاب جي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو آهي ته عام چونڊن لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن ووٽر بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪن. عام چونڊن جي حوالي سان جاري ڪ??ل پنهجي پيغام ۾ هن چيو ت?? پنجاب صوبي جي 144 قومي ۽ 297 صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾ پولنگ جوعمل جاري آ??ي جيڪو صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي ت??ئين جاري رهندو. هن چيو ت?? پنجاب ۾ 7 ڪروڙ 42 لک 90 هزار 924 رجسٽرڊ ووٽرز لاءِ 51 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويا آهن. انتظاميا، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا چونڊن کي صاف شفاف بڻائي رهيا آهن، شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته و??ٽرز جي شڪايت جي فوري طور تي ازالي لاءِ ڪنٽرول روم سرگرم آهن.