چارسده – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وڃي سندس گهرواريءَ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسفند يار ولي خان جي رهائشگاهه تي وزيراعظم سندس فرزند ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ايمل ولي خان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم مرحومه جي لا??ِ فاتحه پڙهي ۽ درجن جي بلندي لا??ِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحومه جي خاندان سان تعزيت ڪئي ۽ انهن جي لا??ِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز وارو وزير امير مقام ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر ۽ اي اين پي اڳواڻ غلام احمد بلور، خيبرپختونخواهه جي صوبائي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر اختيار ولي پڻ موجود ه??ا.