اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهار چيو آهي ته تعميراتي صنعت بابت مينوفيڪچرنگ يونٽس ۽ دڪانن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صورتحال جي مسلسل نگراني کي يقيني بڻايو پيو وڃي، هفتي ۾ 2 ڏينهن ??اروبار بند رهندو جڏهن ته انهن ٻن ڏينهن ۾ به دوائن ۽ ضرورتن جي شين جي دڪانن کي کولڻ جي اجازت هوندي. قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالها??ين??ي هن ??يو ته ڪورونا جي وبا جي ڏس ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ 14 اپريل کان تعميراتي صنعت کي جزوي طور تي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ??يو ته ايندڙ هفتي کان پي وي سي پائيپس، انهن جي مينوفيڪچرنگ يونٽس، سيرامڪس اينڊ سينيٽري ويئرز، ڪيبلز، اسٽيل ۽ ايلومينيم يونٽس ۽ انهن جا دڪان ۽ هارڊ ويئرز جي دڪانن سميت تعميراتي صنعت سان لاڳاپيل ٻين شعبن جي دڪانن ۽ مينوفيڪچرنگ يونٽس کي کوليو ويندو.