اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمي?? شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين بهتر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظه??ر ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽيسٽ مثبت ا??ڻ تي کيس به بهتر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو