اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ ان??اف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئن?? جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ ??ڊ گورننس کي يقيني بڻائي رهي آهي