اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان متحد?? قومي موومينٽ جي پارليامينٽ جي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري شامل هئا جڏهن ته وفاقي وزير اسد عمر به موجود هو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم ان موقعي تي وفاق جي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل ۽ نئين اع??ان ٿيل منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده حڪومت ڪراچي جي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي.