اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو آهي ته اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قوم جي الحاق جي لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آهن، ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين چيو ته ڪشميري عوام اسان جي جسم جو حصو آهن، اسان جي دل ڪشميري عوام سان گڏ ۽ انهن جي دل اسان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان اسان جا رشتا، ناطا آ??ن ۽ اهي اسان جي خاندان جو حصو آهن، اسان ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، اسان ڪشمير جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن لڳائي چڪا آ??يون. هن چيو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. چو??ري فواد حسين چيو ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري قوم جو حق نه ٿو کسي سگهي. چو??ري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عوام هن ريلي ۾ ڪشميري عوام کي اهو ٻڌائڻ لاءِ موجود آهي ته اسان توهان جي پٺيان بيٺل آهيون. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام جا حق اسان جي لاءِ اسان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آهن. اسان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي چوگرد ٺهي آهي ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آ??يون. هن چيو ته ڪشميري عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ آخري دم تائين وڙهندي. چو??ري فواد حسين چيو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.