اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، افغانس??ان تائين پهچ جي لاءِ پاڪس??ان اهم لنگهه آهي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانس??ان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي، پاڪس??ان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام جي هر ممڪن مدد ڪندو، سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي ڪابل مان انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي، پاڪس??ان ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا، پاڪس??ان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان جي قومي نيوز ايجنسي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان (اي پي پي) ۽ ڪيوبا جي نيوز ايجنسي پرسيناليٽينا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ هڪ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، ڪيوبا ۽ پاڪس??ان جي نيوز ايجنسين جي وچ ۾ خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ٻنهي خابرو ادارن کي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي درپيش مسئلن ۽ چئلينجز کي چڱي ريت سمجهن ٿا. هن چيو ته پاڪس??ان ڪيوبا سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جيڪي گڏيل اعتماد، احترام ۽ پراڻي دوستي تي ٻڌل آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ کي جديد دور جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪيو ويو آهي. ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ افغانسان ۾ هيسائين پرڏيهي ميڊيا کي 250 ويزا ۽ 85 بارڊ?? ڪراسنگ اين او سيز جاري ڪيون. هن چيو ته سوين صحافي ڪابل ۾ ڦاٿل هئا جن کي انخلا ۾ مدد فراهم ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابل مان پرڏيهي ميڊيا جي ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوششن ۾ ڪابل ۾ موجود اسان جي سفارتي عملي اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، اسان جي انهن ڪوششن ??ي عالمي ميڊيا تي ساراهيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪس??ان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪندو، موجوده بحران ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. هن چيو ته افغانس??ان تائين پهچ جي لاءِ پاڪس??ان اهم لنگهه آهي. وزيراعظم جي هدايتن تحت حڪومت ۽ اطلاعات واري وزارت افغانس??ان مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيا آهن، هن وقت اسان جو هڪ سي ون ٿرٽي جهاز ڪابل ۾ موجود آهي. هن چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانس??ان ۾ انساني الميو پيدا نه ٿئي. هن چيو ته اسان افغانس??ان جي عوام کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته پاڪس??ان انهن جي هر ممڪن مدد ڪندو. تقريب کي خطاب ڪندي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز چيو ته جعلي نيوز جو مسئلو ڪيوبا کي پڻ درپيش آهي. اي پي پي سان خبرن جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اطلاعات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. هن ڪابل مان پرڏيهي شهرين جي انخلا ۾ مدد ڪرڻ تي پاڪس??ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته افغان عوام جي لاءِ خوراڪ ۽ دوائن جو سلسلو شروع ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. مفاهمت جي ياداشت تي ڪيوبا جي سفير زينيئر جيويئر ڪيروگونزيلز ۽ قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪس??ان جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن صحيحون ڪيون. ان م??قع?? تي اطلاعات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ وزارت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ م??جود هئا.