اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عورتن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ??ڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. نوجوانن، ??ورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فر??هم ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيداري جي باري ۾ آگاهه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ??رو??ي مدد فر??هم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادري جي خصوصي تعاون سان هنر جي فر??همي جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ??رو??ت آهي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، ??ورتن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته آگاهي جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائي جي ??رو??ت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عورتن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيماري جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.