اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪابين?? جي توانائي بابت ڪم??ٽي (سي سي او اي) جو اجلاس منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي ق??من واري وفا??ي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نون ٽرمينلز جي قيام جي حوالي سان بين الوزارتي ڪم??ٽي جي رپورٽ جي بنياد تي بحري معاملن واري وزارت سمري پيش ڪئي، سي سي او سي سمري جو تفصيلي جائزو وٺي پائپ لائين جي ڪيپسٽي ايلوڪيشن جي منظوري ڏئي ڇڏي، اسد عمر هدايت ڪئي ته نئين ايل اين جي ٽرمينلز جي قيام تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي. پاور ڊويزن پاڪستان اليڪٽرانڪ پاور ڪم??ني جي ري اسٽرڪچرنگ جي سمري اجلاس ۾ پيش ڪئي ۽ ڪابين?? جي توانائي بابت ڪم??ٽي ان جي منظوري ڏئي ڇڏي. سي سي او اي چيو ته بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد کي 31 ڊسمبر 2021ع تائين مڪمل ڪيو وڃي ۽ انساني وسيلن جي حوالي سان نئين انتظاميه جون خدمتون جلد حاصل ڪيون وڃن. اجلاس جي دوران پاور ڊويزن جي آر ايل اين جي پلانٽس جي آپريشنز جي سمري تي به غور ڪيو ويو. ڪم??ٽي هدايت ڪئي ته آر ايل اين جي جي درآمد جي ڪري پيش ايندڙ مسئلن جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي، ڪم??ٽي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان توانائي وارو وزير، اوگرا ۽ نيپر?? جي عملدارن سان اجلاس ڪري ۽ مسئلن جي حل جون تجويزون سي سي او اي جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن، ڪم??ٽي آگسٽ 2021ع جي لاءِ پاور ڊويزن پاران جمع ڪرايل گردشي ق??ضن جي رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ گذريل 12 مهينن دوران گردشي ق??ضن ۾ صرف 57 ارب روپين جي اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته گذريل حڪومت جي دور ۾ گردشي ق??ضن جو ساليانو ماپو 450 ارب روپيا هو، اجلاس ۾ ناڻي وارو وفا??ي وزير، توانائي وارو وفا??ي وزير، بحري معاملن وارو وفا??ي وزير، واپار وارو صلاحڪار، سي پيڪ جي حوالي سان وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ لاڳاپيل ريگوليٽري ادارن سميت ٻين وزارتن ۽ ڊويزنن جي ??عل??ٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.