ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي ??ڀ کان پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سان گڏوگڏ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي ??هم ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي ??ڪ جي ??سڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي ج??يد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل ج??يد دور جي گهرجن سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.