اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپو??ٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ??ئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪئي ??ئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪ?? نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ڪئي ??ئي آهي. بلوچستان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪ?? نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گورنر جي شڪايت تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ??ئي آهي ۽ خبردار ڪيو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلاس ۾ شرڪ?? نه ڪرڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.