اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 65 ماڻهو فوت ٿيا، هڪ ڏينهن ۾ 23 هزار 569 ٽيسٽ ڪيا ويا، هڪ لک 53 هزار 134 ماڻهو ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي مڪمل صحتياب ٿي چڪا آهن. اين سي او سي موجب بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو مريض وينٽي ليٽر تي نه آهي. سڄي ملڪ ۾ 394 ڪورونا مريض وينٽي ليٽرز تي آهن جڏهن ته ڪورونا مريضن جي لاءِ 1568 وينٽي ليٽرز رکيا ويا آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ 2 لک 46 هزار 351 تصديق ٿ??ل ??يس?? آهن جن ۾ آزاد ڪشمير جا 1532، بلوچستان جا 11 هزار 128، گلگت بلتستان جا 1630، اسلام آباد جا 13 هزار 927، خيبرپختو??خو??هه جا 29 هزار 775، پنجاب جا 85 هزار 991 ۽ سنڌ جا هڪ لک 23 هزار 68 ??يس?? شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان هيستائين 5 هزار 123 ??وت??يون ٿي چڪيون آهن. هيستائين 15 لک 38 هزار 427 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. ملڪ جي 733 اسپتالن ۾ 4254 مريض علاج هيٺ آهن.