اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي ??ل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي ??نڌ حڪومت کي درخواست آهي ته اسلم خان جي گهر تي فا??رنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم لي?? (ق) جي ??ور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپارٽي جي ??ڪومت رهي ۽ پيپلزپارٽي جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آهي، هن ڪي اليڪٽرڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم لي?? (ن) جي ??ڪومت جي ??جلي واري وزير خواجه آصف به هتي آهي، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.