اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گه??يءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته ب?? گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ جن علائقن جو رابطو ملڪ جي ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آهي انهن جي بحالي ل??ءِ مناسب قدم کنيا وڃن.