اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه معاشري جي ڪمزور ۽ غربت جي شڪار ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميداري ۽ اولين ترجيح آهي، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ??ه سبسڊي جي ??ظام کي موثر، شفاف ۽ هدفن موجب بڻايو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري خزاني مان خرچ ڪيل رقم جو بهترين استعمال ٿئي. هو هتي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي ضروري شين جي ??د ۾ حڪومتي سبسڊي جي ??راهمي جي ??ظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر، ناڻي وارو سيڪريٽري، نادرا چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا.