اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هڪ پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغا??ست??ن جي لاءِ سڀني ڌرين کي تشدد جي خاتمي، جنگ بندي ۽ تڪرار جي سياسي حل لاءِ تعميراتي انداز ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، اف??ان تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي ۽ ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي، افغا??ست??ن ۾ امن جي واپسي سان علائقي ۽ دنيا تي اقتصادي ترقي، علائقائي واپار ۽ بهتر رابطن جي ذريعي ڊگها مثبت اثر پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي افغا??ست??ن جي مسعود فائونڊيشن جي سربراهه احمد ولي مسعود سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم احمد ولي مسعود جي گرم جوشي سان آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۽ افغا??ست??ن ڀائراڻي لاڳاپن، گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن ۾ ٻڌل آهن، هن اف??ان مزاحمت دوران هڪ اهم مجاهد ليڊر جي طور تي مرحوم احمد شاهه مسعود جي تاريخي ڪردار جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم چيو ته اف??ان تڪرار جو ڪو به فوجي حل نه آهي ڳالهين جي ذريعي سياسي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي. وزيراعظم چيو ته افغا??ست??ن کانپوءِ پاڪستان، افغا??ست??ن ۾ امن جي قيام جو سڀ??ي کان وڏو خواهشمند آهي. ڇاڪاڻ جو ان تڪرار جي ڪري هو تمام گه??و متاثر ٿيو آهي. اف??ان امن عمل جي تڪرار ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان بين الاف??ان ڳالهين جي آغاز ۽ آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ سهولت لاءِ ڀرپور تعاون ڪيو آهي. بين الاف??ان ڳالهيون هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪن ٿيون ۽ اف??ان قيادت کي هڪ جامع، وسيع البنياد ۽ بامقصد ساسي حل لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن.