اسلا?? آباد – 07 ??ار?? (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي مح??د ??ان چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وزيراعظم عوام کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وزيراعظم عمران ??ان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ته بدعنوان عنصرن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وزيراعظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ان جي ڪا ضرورت نه هئي. علي مح??د ??ان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن وزيراعظم عمران ??ان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران ??ان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.