اسلام آب??د – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم ح??مران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چي??ل سان ڳالهائيندي هن چي?? ته ڪالعدم تنظيم جي منفي پروپئگنڊه مايوس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظيم جي مظاهرين جي خل??ف ڪارروائي ڪئي جنهن ??وان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چي?? ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي هئي، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چي?? ته جهانگير ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي عمل بابت وفاقي وزير چي?? ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن ??رق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.