اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي قدمن کي ??اراهيندي چيو آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ سان جتي ماحول بهتر ٿيندي اتي ماکي ??ُون مکيُون پالڻ جهڙن شعبن کي فروغ ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ماکي ??ي برآمدات وڌائڻ لاءِ معياري پيداوار، بهترين مارڪيٽنگ حڪمت عملي ۽ تصديقي عمل اختيار ??رڻ ضروري آهي. هو ٽرين بلين ٽري سونامي پروگرام جي حوال?? سان بريفنگ اج??اس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين وارو خاص مددگار ملڪ امين اسلم ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳائڻ جي منصوبي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، زرعي باراني يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ ٻيا لاڳاپيل سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملڪ امين اسلم اج??اس کي ماکي ??ُون مکيُون پالڻ جي شعبي ۾ ترقي، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، صدر موسيماتي تبديلي واري وزايرت جي قدمن کي ??اراهيندي چيو ته ملڪ ۾ مگس باني جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي،