اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان گلگت بلتستان جي گورنر راجا جلال حسين مقپون ملاقات ڪئي. ملاقات د??ران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات د??ران اطلاعات ??اري وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ پي ٽي وي اسٽيسن جي قيام لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ ڊجيٽل ڪيبل ۽ موبائيل نيٽ و??ڪ ڪمپنين جي خدمتن کي بهتر بڻايو ويندو. اطلاعات ??اري وزير چيو ته گلگت بلتستان جي نوجوانن ۾ ڊجيٽل ميڊيا ۾ دلچسپي کي فروغ ڏنو وڃي. ڊجيٽل ميڊيا ۾ نوجوانن لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن. گلگت بلتستان جي گورنر نوجوانن کي ڊجيٽل ميڊيا طرف متوجهه ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير ج?? تجويز سان اتفاق ڪيو.