لاهور – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آ??ي ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي وڌيڪ موثر ۽ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي گهٽ قيمت تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٿاڻن تائين عوام جي پُهچ ۽ انهن جي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جامع طريقيڪار جوڙيو وڃي، پوليس سياسي وابستگي کان م??انهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. هن اها ڳالهه هتي انتظامي ڍانچي جي بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن جو جائزو و??ڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ پنجاب جو وڏو وزير س??دا?? عثمان بوزدار، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل ۽ آءِ جي پنجاب س??دا?? علي خان شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ڪامران علي افضل وزيراعظم عمران خان کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران وزيراعظم کي ٻڌايو و??و ته پنجاب جي انتظامي فيصلن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي نظر ۾ رکيو و??ندو، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۽ سهر??ن کي بنيادي کاڌي پيتي جي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان کانسواءِ پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد تڪميل اولين ترجيح آهي، پنجاب ۾ ڪرپشن ۽ بدعنواني کي هر گز ب??دا??ت نه ڪيو و??ندو، وزيراعظم عمران خان کي آءِ جي پنجاب س??دا?? علي خان سڄي صوبي ۾ پوليس جي اصلاحي ترجيحن تي بريفنگ ڏني. پنجاب پوليس عوام جي بنيادي مسئلن ۽ شڪايتن کي فوري طور تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ان م??قعي تي وزيراعظم هدايت ڏيندي چيو ته پنجاب ۾ انتظامي ڍانچي کي عوام جي سهولت لاءِ وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ان کانسواءِ عوام کي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي گهٽ قيمت تي يقيني بڻائي وڃي، وزيراعظم عمران خان خاص هدايت ڪئي ته عوام جي پوليس اسٽيشن تائين پهچ ۽ ان جي شڪايتن جي فوري داد رسي لاءِ موثر ميڪنزم جوڙيو وڃي. وزيراعظم عمران خان خصوصي طور تي زور ڏنو ته پوليس ڪنهن به قسم جي سياسي وابستگي کان م??انهون ٿي ڪري عوام جي خدمت ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.