نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ دفعو ٻيهر او آءِ سي تي زور ڏنو آه?? ته هو ڀارتي انسانيت لڄائيندڙ ظلمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڪشمير مسئلي تي ڀارت سان بامعنيٰ ۽ نتيجن وارين ڳالهين لاءِ تيار آه??، تنهن هوندي به ڳالهين کان اڳ ڀارت کي سازگار ماحول بڻائڻو پوندو ۽ والاريل ڪشمير ۾ پنج آگسٽ جا تڪراري قدم واپس وٺڻا پوندا، ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ ڄمون ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪن??ي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان 80 لک ڪشميري بدترين گهيراءُ، بنا جواز گرفتارين ۽ غير معمولي پابندين کي منهن ڏئي رهيا آه??، ڀارتي قابض فوج مظلوم ڪشميرين کي ان ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز کي دٻائڻ لاءِ ڪارن قانونن جو سهارو وٺي ناقابل بيان ظلم ڪري رهي آه?? جڏهن ته هندو توا ۽ آر ايس ايس جي سوچ جي حامل بي جي پي سرڪاري ڪشميرين جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پويان آه??، ان کانسواءِ پنهنجي ناپاڪ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوميسائل قانونن ۾ ترميم ڪري 42 لک جعلي ڊوميسائيل شرٽيفڪيٽس جاري ڪيا ويا آه??، شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي بربريت جو تازو مثال بزرگ ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت سان روا رکيل بدترين سلوڪ آه?? جيڪو پهرين سيپٽمبر تي ڊگهي ڀارتي نظربندي جي دوران لا??اڻو ڪري ويو، عين ان وقت جڏهن سندس گهرڀاتي سندس لا??اڻي تي سوڳ جي حالت ۾ هئا ۽ ان جي جنازي نماز جي تياري ۾ مصروف هئا، ڀارتي قابض فوج گهر ۾ زبردستي گهڙي ان جي جسد خاڪي کي ڇني ورتو ۽ نه اسلامي روايتن موجب ان جي جنازه نماز ٿيڻ ڏني وئي ۽ نه ئي کيس ان جي وصيت موجب ”قبرستان شهيدان“ ۾ تدفين جي اجازت ڏني وئي، ڀارتي حڪومت سيد علي گيلاني جي طرز عمل کان ايتري قدر ڊنل هئي جو ان جي لا??اڻي کانپوءِ به ان سان غير انساني سلوڪ روا رکيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عالمي برادري ج?? ڌيان ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان ٺوس ثبوتن تي ٻڌل ”ڊوزيئر“ جاري ڪيو آه??، ان 131 صفحن تي ٻڌل ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سينئر آفيسرن پاران 3432 جنگي ڏوهن جا حوالا ڏنا ويا آه??، هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طريقي سان حل نٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواب تعبير نٿو ٿي سگهي. شاهه محمود قريشي يو ته پاڪستان هندستان سان ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آه?? پر ان لاءِ هندستان کي ماحول سازگار بڻائڻو پوندو ۽ پنج آگسٽ 2019ع جا هڪطرفا ۽ غير قانوني قدم واپس وٺڻا پوندا. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلا وڏي عرصي کان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي ايجنڊا تي آه??، او آءِ سي پاران ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي مسلسل ۽ اڻٽر حمايت قابل تحسين آه?? جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آه??، شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ خالي هٿين ڪشميري پنهنجون نظرون او آءِ سي ۽ مسلمان امت ڏانهن کڻي ويٺل آه??، شاهه محمود قريشي ميمبرن تي زور ڏنو ته توهان سڀ ڪشمير مسئلي کي جنرل اسيمبلي، هيومن رائٽس ڪائونسل سميت گڏيل قومن جي سمورن فورمن تي کڻڻ ۾ اسان جي ڀرپور مدد ڪ??يو.